ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي وومين پاور لفٽر رابعه شهزاد نئين قومي رڪارڊ سان عالمي چئمپين شپ ۾ سلور ميڊل کٽي ورتو. رابعه شهزاد سلواڪيه جي شهر ترناوا ۾ منقعد ورلڊ پاور لفٽنگ چئمپين شپ 2022ع جي 52 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ 267.5 ڪلو گرام (باڊي ويٽ 51.4 ڪلو گرام) کڻي ٽئين پوزيشن سان سلور ميڊل حاصل ڪري ورتو. رابعه شهزاد سماجي رابطي ذريعي چيو ته مان الله جي شڪر گذار آهيان جو هن مونکي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پليٽ فارم ڏنو. رابعه شهزاد پاڪستان پاور لفٽنگ فيڊريشن تي الزام لڳايو ته گذريل 4 سالن کان مونکي ڪنهن به عالمي مقابلي ۾ شرڪت لاءِ نٿو موڪليو وڃي، مونکان اهو چورائڻ پيا چاهين ته منهنجي دورن دوران مالي امداد فيڊريشن ڪندي آهي جڏهن ته سچائي اها آهي ته مان سيلف فنانس تحت عالمي مقابلن ۾ ويندي آهيان.