گيلنگ (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا يو اي اِي ۽ نيڌرلينڊ نميبيا کي شڪست ڏئي ڇڏي. سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنز ٺاهيون. پاٿم نسانڪا 74 رنز ٺاهي نمايان رهيو. يو اي اِي طرفان ڪارٿڪ ميانپان ورلڊ ڪپ جي پهرين هيٽرڪ ڪئي ۽ ظهير خان 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. يو اي اِي جي ٽيم 17.1 اوورن ۾ 73 رنز تي ڍير ٿي وئي. سريلنڪا طرفان دشمانٿا چميرا ۽ هسارنگا ڊي سولا 3-3 وڪيٽون ورتيون. پاٿم نسانڪا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ نميبنا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنز ٺاهيون. نيڌرلينڊ 19.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. بيس ڊي ليڊ کي 30 رنز ٺاهڻ ۽ 2 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.