ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت دنگل لاءِ ڊبليو ڊبليو اِي جو سپر اسٽار ڊوين “دي راڪ” جانسن به ميدان ۾ اچي ويو. سماجي رابطي جي سائٽ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڊبليو ڊبليو اي اسٽار ريسلر “دي راڪ” ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي جي تشهير ڪري رهيو آهي. ڀارتي چينل اسٽار اسپورٽس طرفان پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ دي راڪ چئي رهيو آهي ته “جڏهن عظيم ترين حريف پاڻ ۾ ٽڪرائيندا ته دنيا جون ڏندين آڱريون اچي وينديون. اها صرف هڪ ڪرڪيٽ ميچ ناهي. ٻنهي روايتي حريفن وچ ۾ مقابلو 23 آڪٽوبر تي ميلبرن جي تاريخي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي آچر ڏينهن کيڏيو ويندو.