خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان گذريل هڪ هفتي دوران هٿ آيل ٽن لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاش سول اسپتال جي سردخاني ۾ پيل. خبر موجب خيرپور ۾ گذريل هڪ هفتي دوران پير مڱيو لنڪ روڊ، اڪنامڪ زون ٿاڻي سميت مختلف هنڌن تان لاوارث حالت ۾ هٿ آيل ٽن لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، لاشن کي اسپتال جي سردخاني ۾ رکيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش سردخاني ۾ رکرايا ويا آهن پر ڪوبه وارث نه پهتو آهي. جيڪڏهن وارث نه پهتا ته لاش تدفين لاءِ اسڪائوٽس حوالي ڪيا ويندا.