دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي مزدور آباد پاڙي ۾ هڪ جوابدار بچل منگي جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي سندس 15 سالن جي ڌيءُ مينا سان زبردستي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ، سندس ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا ، رڙين تي پاڙيوارا پهتا ته جوابدار گهر مان نڪري ڀڄي ويو ، ناري مينا ٻڌايو ته ماجد جتوئي ايندي ويندي کيس تنگ ڪندو هو ۽ ناجائز لاڳاپن لاءِ ڌمڪائيندو هو ، مينا جي ماءُ مسمات حميده ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ جي طبعيت خراب هئي اسان مينا کي ماني تيار ڪرڻ لاءِ گهر کي ٻاهران تالو هڻي چاٻي کيس ڏئي وياسين ، مينا پاسي جي گهر مان ننڍڙي ڇوڪري کي لوڻ کڻي اچڻ لاءِ تالو کولرايو ته ماجد جتوئي پاڙي جي ان ڇوڪري کان تالو کسي زبردستي گهر ۾ داخل ٿي سندس ڌيءُ سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي آهي، اي سيڪشن اهڙي اين سي رپورٽ داخل ڪري ماجد پٽ منظور جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.