رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ  سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ ختم، ڊاڪٽرن ليڊي ڊاڪٽرياڻي کان معافي وٺي مٿي تي چادر پارائي، ان ڏس ۾ رتوديرو تعلقه اسپتال ۾ قائم ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر جي انچارج ليڊي ڊاڪٽرياڻي شاهده حفيظ ميمڻ سينٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن تيغ بهادر ۽ مغفور ارجن وچ ۾ ڪجھه وقت اڳ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي آهي، الزام هيٺ آيل ٻنهي ڊاڪٽرن شهر جي معززين کي ساڻ ڪري ليڊي ڊاڪٽرياڻي وٽ پهچي سندس کان معافي ورتي ۽ کيس مٿي تي چادر پڻ پارائي، ڊاڪٽرياڻي ڄاڻايل ٻنهي ڊاڪٽرن کي معاف ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڊاڪٽر شاهده حفيظ ميمڻ ٻڌايو ته  ڪجھه وقت اڳ ايچ آءِ وي سينٽر تي مقرر ٻن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ٽيغ بهادر ۽ ڊاڪٽر مغفور ارجن مون سان نامناسب رويو اختيار ڪيو هو، جيڪي پنهنجي ان عمل تي پشيمان ٿي مون وٽ پهتا آهن، معززين کي مان ڏيندي کين معاف ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شاهده چيو آهي ته آئنده ڪنهن به نياڻيءَ سان اهڙو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي.