خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور ۾ داخل مريض علاج دوران فوت، وارثن طرفان ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام، ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ محمد پنجل ملاح جو رهواسي عبدالرشيد منگي سول اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي مبينا لاپرواهي سبب علاج دوران فوت ٿي ويو. فوتيءَ جي وارثن سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي تي لاپرواهي ۽ غفلت جو الزام مڙهيو آهي. ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ هو ته اسان فوتي عبدالرشيد منگيءَ کي مليريا سبب سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو هو، جتي هو ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب فوت ٿيو آهي. وارثن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.