ملڪاڻي شريف (ن پ ا ) لائف برج يو ايس  پاران ٻوڏ متاثرين جي واهر لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي نياڻي ڊاڪٽر گيت  ۽ سبين زيدي پاران ڳوٺ علي نواز پتافي يونين ڪائونسل مير الھبچايو ٽالپر ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، آمريڪا جي ماهر ليڊي ڊاڪٽر گيت آنچلاڻي پاران چار سئو ٻوڏ متاثر مريضن جو معائنو ڪري مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون، جڏهن ته جرنل فزيشن ڊاڪٽر هريش چندر مالهي ننڍڙن ٻارڙن جو معائنو ڪري دوائون ڏنيون، ان موقعي تي لائف برج آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرين ۾ راشن پڻ ورهايو ويو، گونگ ٽري جي اڳواڻ منظور آريسر پاران ٻوڏ متاثرن کي هڪ سئو مڇردانيون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي لائف برج آمريڪا جي اڳواڻ ڊاڪٽر گيت آنچلاڻي ۽ ميڊم سبين زيدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جا حالات انتهائي خراب آهن، اسان پنهنجي متاثرين ڀائرن، ڀينرن ۽ معصوم ٻچڙن کي هن مشڪل گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، سندن بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکبي، گونگ ٽري جي اڳواڻ منظور آريسر ۽ يونس ملڪاڻي ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر ڪريمان سليمان جا شڪرگذار آهيون، جنهن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ديس واسين جي سار لڌي، فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ خدمتگار سٿ جي اڳواڻ صوفي رفيق کوسي، پورهيت اڳواڻ محب ڀيل، مولا بخش ميرجت،محمد حاجن ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر عبدالمجيد کوسي، ديدار پتافي، ڪمال خان پتافي، نثار پتافي، جميل ملڪاڻي، ليکراج ڀيل ۽ ٻين پاران ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ جا انتظام سنڀالڻ سان گڏ لائف برج يو ايس جي آيل سمورن اڳواڻن ۽ رضاڪارن کي سنڌ جي عظيم ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.