ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ عثمان سولنگي مان اغوا ڄاڻايل ناري سدرا سولنگي وڊيو بيان ڏيندي چيو آھي ته هن جاني سولنگي سان ڪراچي جي عدالت شادي ڪري ڇڏي آھي، ناري موجب ڳوٺ جي بااثرن منھنجي مڙس جي ٻن ڀينرن صنم سولنگي ۽ شائلا سولنگي کي اغوا ڪري سخت تشدد ڪيو، جنھن کي پوليس بازياب ڪرايو آھي، هن چيو ته بااثر اسان کي قتل ڪرائڻ چاھين ٿا، جنهن ڪري حياتي کي خطرو آهي، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته با اثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ياد رھي ته 16 ڏينھن اڳ ڳوٺاڻي مختيار سولنگي جي فرياد تي جاني سولنگي مٿان ناري سدرا سولنگي کي  اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.