معصوم زينب جو قتل ڪيس: هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

0
362

درياخان مري ويجهو چئن سالن جي ٻارڙي زينب جو ڳلو ڪپيل لاش ملڻ بعد هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي

ڪجهه ڏينهن کان گم ٿيل ٻارڙيءَ جو گذريل ڏينهن ٻوري بند لاش مقامي درگاهه ۽ حويليءَ جي ويجهو مليو هو

درگاهه جي خليفي ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاريءَ کانپوءِ پوليس اڄ حويليءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان سبب علي شاهه کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو

مقتول ٻارڙي درگاهه جي گادي نشين نور محمد شاهه جي ڌيءَ هئي، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻارڙيءَ جو ڳلو ڪنهن تيز ڌار اوزار سان ڪپيو ويو

ھي به پڙھندا

ڪنڌڪوٽ: ڀيا -ڏاهاڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل، واٽهڙو سميت 2 زخمي

ڀرياسٽي ويجهو اغوا ڄاڻايل ناري جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو