سيوھڻ(رپورٽ اشرف عطار) منڇر جي پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ جي سطح 115.7 آر ايل تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل ٻئي گهارا ايريگيشن کاتي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته منڇر ڍنڍ جي بچاء بند کي آر ڊي 52 وٽان لڳل ڪٽ کي پڻ بند ڪرڻ جو ڪم جاري آهي ۽ ان سان گڏ منڇر ڍنڍ جي بچاء بند کي آرڊي 14 وٽ لڳل ڪٽ جو ڪم روڪيو ويو آهي جنهن بابت آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته آر ڊي 14 وٽان لڳل ڪٽ مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿيڻ ڪري ان کي مڪمل بند ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. ٻئي طرف منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ سيوھڻ جي اٺن يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ کان پوءِ ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي يونين ڪائونسل چنه، ٽلٽي، ٻنڀا آراضي ۽ يونين ڪائونسل شخ جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري کان اجا ٿي ويا آهن ڪافي ڳوٺن جو ڀان سعيدآباد ۽ سيوھڻ شھر  سان زميني رابطو بحال ٿي ويو آهي، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڊهي پٽ پئجي ويل ڳوٺن جا پٽ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ھوڏانھن گاڏين لاءِ انڍس هائي وي بحال ٿيڻ ڪري پنجن يونين ڪائونسل ٽلٽي، ٻنڀا، شيخ، آراضي ۽ چنا جا ٻوڏ متاثر پنهنجي ماڳن ڏانهن واپس ورڻ لڳا آهن، جڏهن ته منڇر ڍنڍ جي ويجهي وارا يونين ڪائونسل جعفرآباد، بوبڪ ۽ واھڙ ۾ چار کان اٺ فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي ۽ ٽنھي ڪائونسلن جي ڳوٺن  تاريخي شهر بوبڪ، ٻلهڻ، سانگپور ،اڪتڙ، آر بي، پنهيار بوزدار، ڳوٺ رودناڻي سميت سيوين ڳوٺن جو ٻن شهرن سان زميني رابطو بحال نه ٿي سگهيو آهي، ٽن يونين ڪائونسلن جا ٻوڏ متاثر سخت پريشان آهن، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب چيٽ جو فصل نه ٿي سگهندو، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري طڀقو پريشان آهي.