خيرپور: روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 12 فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
459

خيرپور (ن پ ا) حسين آباد ويجهو دردناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 12 فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي. فوتين ۾ ٻانڌي شهر جو رهواسي غلام حسين پٽ علي حيدر جمالي ۽ سندس معصوم ڌيءَ نينا به شامل. ٻين فوتين ۾ ڪنب واسي داد محمد پٽ دادن راڄڙ، علي شير پٽ پيار علي شيخ، ڳڙهي ياسين واسي علي ڏنو پٽ حمز علي شاهه، ٺري ميرواهه واسي منصور عرف وسيم پٽ خادم علي شر، ساجد پٽ لياقت علي جروار، دوڙ واسي عبيد پٽ ڪوڙو چانڊيو، مديجي واسي ڏنل شاهه پٽ بنده علي شاهه، سکر واسي سبحان شاهه پٽ ڇتن شاهه، شڪارپور واسي نازل شاهه پٽ چيزل شاهه ۽ تنگواڻي واسي نصرالدين پٽ گل حسن بهلڪاڻي شامل آهن.