ٻانڌي: پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيل نوجوان فوت

0
379

ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ حاجي يار محمد جمالي ۾ پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙي زخمي ڪيل نوجوان فوت ٿي ويو 25 سالا نوجوان جانب پٽ صاحب خان جمالي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جنھن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو ويو ھو جتان کيس ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جي وارثن موقف ڏيندي ٻڌايو ته نوجوان جو ذھني توازن صحيح نه ھو جنھن پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي ڇڏي ھئي، نوجوان جي فوتگي جو اطلاع ملندي ئي سندس گھر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو.