شھدادپور: زيادتي جو شڪار نينگري جي حالت خراب، حيدآباد منتقل

0
377

شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ڀرسان مقصودو رند واري علائقي ۾ زيادتي جو شڪار معصوم 8 ورهين جي يتيم نينگري ماروي ڀيل جي حالت بگڙجي وئي، جنهن کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، متاثر خاندان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ڪاموري ڪا به سار نه لڌي، نه ئي ڪا مالي مدد ڪئي وئي، نينگري جو ڏاڏو نيڃل ڀيل چيو آهي ته اسپتال ۾ صرف بيڊ ڏنو ويو باقي سمورو خرچ ذاتي طور ڪيو آهي، ڪنهن به سار نه لڌي آهي، واضح رهي ته درگاھ سلطان فقير وٽ جوابدار نيوو ڪولهي 8 ورهين جي نينگري کي بند پيل جڳهه ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، جوابدار نيوو ڪولهي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل آهي، نينگري جي حالت خراب ٿيڻ سبب نينگري کي حيدرآباد نيو ويو آهي.