خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ٽن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز سميت پنجن ڄڻن خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي لانڍيون، بهارو ۽ اڳڙا ٿاڻي جي ايس ايچ اوز، لانڍيون ٿاڻي جي وڏي منشي  منصور کهڙو ۽ رينج فاريسٽ آفيسر لانڍيون سومر خان وساڻ خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.