ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي فرسٽ سول جج جي عدالت ھندو واپاري کي 17 لکن جو جعلي چيڪ ڏيڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فيصل آباد واسي جوابدار محمد يونس ملڪ کي ڏيڍ سال قيد ۽ 30 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا آيل جوابدار کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو، جوابدار کي 9 مھينا اڳ ڪشمور واسي ھندو واپاري نيتن ڪمار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، جوابدار مٿان 17 لک رپين جو جعلي چيڪ ڏيڻ جو الزام ھو.