ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊائريڪٽر زو خلاف نورجهان جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، سيشن ڪورٽ ڏکڻ ۾ٻڌڻي دوران پٽيشنر  ايڊووڪيٽ عمران عزيز جو چوڻ هو ته ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته نورجهان هاٿڻ مري وئي آهي، نورجهان کي انتظاميا جي غفلت سبب قتل ڪيو ويو آھي، جنهن جا  ذميوار زو ڊائريڪٽر  ۽ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر هوندا، درخواستگذار چيو ته انتظاميه جي لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب اڳ ۾ ئي ڪيترائي جانور مري چڪا آهن، واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ھو، ڪالهه عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.