ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صنعتن لاءِ بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ بابت مختصر فيصلو جاري ڪندي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هئڻ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو،گذريل ڏينهن عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، درخواستگذار جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو هو ته سبسڊي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پر حڪومت پاران سبسڊي ختم ڪرڻ واري فيصلي بابت اجلاس جو رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو ۽ نئي وي اهڙو ڪو به دستاويز پيش ناهي ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هجي ته آءِ ايم ايف سبسڊي واپس وٺڻ لاءِ چيو آهي، هن چيو ته سبسڊي زيرو ريٽيڊ انڊسٽري کي ڏني ويندي آهي، مخصوص مدي لاءِ ڏنل سبسڊي کي واپس وٺي نٿو سگهجي، ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل جو چوڻ هو ته اها سبسڊي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هٽائي وئي آهي، صنعتن کي ڏنل سبسڊي ختم ڪري ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏني ويندي.