اسلام آباد(م ڊ) خطي ۾ امن ، استحڪام جو مشن، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عرب امارات پهچي ويو، پرڏيهي وزير ٽه ملڪي دوري جي پهرين مرحلي ۾ گڏيل عرب امارات پهتو، اماراتي اختيارين جي سينيئر اختيارين ۽ پاڪستاني سفير پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي، شاهه محمود قريشي يو اي اي جي هم منصب سميت اعليٰ اماراتي اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، ٻه طرفن لاڳاپن، پاڪستانين جي ويزا معاملن، پاڪ، ڀارت تڪرار ۽ افغان امن عمل سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايران ۽ ترڪي جي دوري تي به ويندو.