اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 20 اپريل اڱاري ڏينهن تي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيندو، جنهن ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز کان آجو قرار ڏيڻ جي منظوري، عام واهپي جي شين جي گهرج توڙي موجودگي جا تفصيل رکڻ لاءِ ڊيٽابيس قائم ڪرڻ جي منظوري، اقوام متحده جي هٿيارن وارين گاڏين کي ڪراچي کان ڪابل وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي سمري به منظوري لاءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي بجلي ۽ گيس شعبي جي گردشي قرض جي تفصيلن ۽ ان کي گهٽ ڪرڻ جو پلان به پيش ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ آرڊيننس تحت بورڊ آف گورننس جي مقرري جي منظوري تي به غور ڪندي، جوائنٽ انويسٽيمينٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري، نيشنل انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي، اي سي سي جي 7 اپريل تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي منظوري به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي.