لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجي خلاف ٽنهي ڪيسن ۾ نه شگر مافيا جو ذڪر آهي ۽ نه وري کنڊ جا اگهه وڌائڻ جو الزام آهي، منهنجو کنڊ جا اگهه وڌڻ يا کنڊ مافيا سان ڪوبه تعلق ناهي. هن چيو ته منهنجي خلاف فرضي ڪهاڻي گهڙي وئي آهي، ڪيسن ۾ ڪاروبار جي 10 سال پراڻن معاملن کي اٿاريو ويو، جيڪڏهن انصاف هجي ها ته مون تي ڪيس داخل نه ٿئي ها، هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته سوا سال کان وزيراعظم هائوس ناهيان ويو، خبر ناهي ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي پر ڪو ته ڪري رهيو هوندو؟ ان کان اڳ جهانگير ترين لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. بينڪنگ ڪورٽ لاهور جهانگير ترين ۽ علي ترين جي ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. جهانگير ترين جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ وقت ان سان گڏ 26 قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر گڏ هئا. جن ۾ راجا رياض، سميع گيلاني، مبين عالم، خواجه شيراز، نعمان ننگريا، اجمل چيمه، نذير چوهاڻ، اسلم ڀروانا، خرم لغاري، عمر آفتاب ڊهلون، زوار بلوچ، نذير بلوچ، لالا طاهر رنڌاوا، عبدالحئي دستي، فيصل جيوانه، رفاقت گيلاني، امير محمد خان، عون چوڌري ۽ عمران شاهه شامل آهن.