اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙن لاءِ هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان رياستي رٽ کي چيلينج ڪيو، تشدد جو رستو اختيار ڪيو، عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا تڏهن تحريڪ لبيڪ خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وئي، ڪو به قانون ۽ آئين کان مٿانهون ناهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آئون دنيا ۾ رهندڙ انتهاپسند جيڪي اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز بيانن ذريعي هڪ ارب 30 ڪروڙ مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ جو سبب بڻجن ٿا انهن کي پيغام ڏيان ٿو ته اسان مسلمان پنهنجي نبي حضرت محمد صلي الله علي وسلم سان سڀ کان وڌيڪ پيار، محبت ڪريون ٿا ۽ ان جي عزت ڪريون ٿا، حضور صه اسان جي دل ۾ رهي ٿو، اسان ان جي توهين برداشت نه ڪنداسين،هن چيو ته مغرب ۾ رهندڙ انتهاپسند سياستدان، اظهار راءِ جي آڙ ۾ مسلمانن خلاف نفرت ڦهلائڻ ۾ اخلاقي طور ان حد تائين ڪري پيا آهن ته اهي هڪ ارب 30 ڪروڙ مسلمانن جي دل آزاري تي معافي به نٿا گهرن، ، اسان اهڙن انتها پسندن کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مغربي ملڪن جي حڪومت کان به مطالبو ڪريان ٿو ته جن هولو ڪاسٽ تي ناڪاري تبصرن تي پابنديون لڳايون آهن اهي ان معيار تي پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسيلم جي توهين ڪري مسلمانن خلاف نفرت پکيڙيندڙن لاءِ به سزائون لاڳو ڪن، هٽلر پاران يهودين جي قتلام تي ڳالهائڻ تي پابندي آهي مغربي ملڪ توهين رسالت ڪندڙن کي به سزائون ڏين