شڪارپور/خانپور(رپورٽ: وحيد بروھي ۽ سفيع الله) خانپور ڀرسان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 4 زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ان ڏس ۾ شڪارپور جي رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ڌرين ۾ جيھڙو ٿي پيو، جنھن سبب ٻه ڀائر نورحسن ۽ ذوالفقار عطراڻي قتل ٿي ويا جڏھن ته سائين ڏنو ڪمالاڻي، اسماعيل ڪمالاڻي سميت چئن ڄڻن جا زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڪيترن سالن کان جتوئي برادري جي ٽن پاڙن ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آھي ٽنھي ڌرين جا ھن وقت تائين 45 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، آخري اطلاعن تائين پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ھئي ۽ ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ ھو.