ڪراچي/ خانپور مهر (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 6 مقابلا، خانپور واسي مارجي ويو،  9 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، اهي مقابلا ڀٽائي ڪالوني ڪورنگي، نيو ڪراچي، سچل، اولڊ گوليمار، ڪلاڪوٽ لياري ۽ بن قاسم ۾ ٿيا. پوليس موجب اولڊ گوليمار جي پاڪ ڪالوني ۾ مقابلي ۾ خانپور مهر واسي نوجوان اختيار ولد درمحمد بوزدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس سوٽ ابراهيم بوزدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڀٽائي ڪالوني ۾ مقابلي دوران جوابدار شان ۾ حمزه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ٻئي طرف نيو ڪراچي جامع مسجد رضوان وٽ مقابلي ۾ جوابدار شهزاد ۽ فواد، سچل ۾ مقابلي دوران جوابدار عطاء ﷲ ۽ عبدالقيوم زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، ڪلاڪوٽ ۾ مبينه مقابلي بعد جوابدار شاهزيب ۽ بن قاسم مان جوابدار نادر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، هوڏانهن پاڪ ڪالوني ۾ مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل اختيار بوزدار کي خانپورمهر ويجهو ڳوٺ سهانجڙو بوزدار ۾ آلين اکين  سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس مقابلي ۾ ڀائٽي اختيار جي مارجڻ ۽ پٽ ابراهيم جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي سندس والد حاجي محب بوزدار کي دل جو دورو پئجي ويو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل اختيار بوزدار جي چاچي علي گوهر جو چوڻ هو ته اختيار ۽ ابراهيم ڀاڄي وڪرو ڪندا هئا، پوليس ٻنهي بيگناهه سوٽن کي کنڀي  ڪوڙو مقابلو رچائي ماريو آهي، هن مطالبو  ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي