ڪلوئي (رپورٽ: گلشير نهڙي) ڪلوئي ڀرسان پاڻي جي ٽانڪي ڪرڻ سبب پاڻي ڀريندڙ واٽهڙو عورت ۽ 2 ٻارڙا دٻجي فوت، واقعي سبب سوڳ، خبر موجب ڳوٺ موڏور نهڙيا ۾ پاڻي جي ٽانڪي ڌماڪي سان ڊهي پٽ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽانڪي هيٺان پاڻي ڀريندڙ واٽهڙو عورت 60 سالا نهران زال بادل نھڙي، 6 ورهين جو عدنان ولد جمعون ۽ حفيظ ولد حميد نھڙي دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، موقعي تي موجود ڳوٺاڻن عورت ۽ بين ٻارن جا لاش ملبي مان ٻاهر ڪڍيا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته فوت ٿيل عورت ڳوٺ روهراڙي واسي هئي، جيڪا عمرو ڪري آيلن کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ هتي آيل هئي، عورت ۽ ٻارڙا ٽانڪي ڀرسان پاڻي ڀري رهيا هئا ته ٽانڪي ڊهي پٽ پئجي وئي، واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، آخري اطلاعن موجب ٽنهي فوتين جا مڙهه سندن اباڻي ڳوٺ روهراڙي نيا ويا جتي اباڻي قبرستان ۾ کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.