خانپور مھر (ن پ ا) خانپورمھر ٿاڻي جي  حد ڳوٺ لنڊي ٽوڙي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل 18 ورھين جي ناري سائره ڌي لال محمد پنھيار جو قتل ڪيس سرڪار جي فرياد تي رفيق پنھيار ۽ سندس والد رياض احمد مٿان داخل ڪري ڇڏيو. خانپور مھر پوليس داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار رفيق پنھيار پنھنجي سڳي سؤٽ سائره پنھيار کي پنھنجي ئي برادري جي نوجوان عامر پنھيار سان ڪارنھن جو الزام ڏيئي پنھنجي پيءُ رياض پنھيار جي مدد سان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جاچ ڪرڻ بعد اھڙي ايف آءِ آر سرڪار جي فرياد تي داخل ڪئي آھي، واضح رھي ته گذريل ڏينھن ناري سائره پنھيار کي پنھنجي سؤٽ رفيق پنھيار گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ناري جي وارثن ڄاڻايو هو ته رفيق جي رشتي کان انڪار ڪرڻ تي پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪيو.