ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ڪجھه  ڏينهن اڳ مبينا اغوا بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل ڳوٺ جيئو نوحاڻي جي رهواسڻ 15ورهين جي غنويٰ ڌيءُ جلال نوحاڻي جو ڪيس سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي نينگري جي ڀاءُ بچل نوحاڻي جي فرياد تي ڊگهڙي پوليس 6 ڄڻن غمشاد نوحاڻي، احسان نوحاڻي، مجيد نوحاڻي، عظيم نوحاڻي، منير نوحاڻي ۽ نواز علي نوحاڻي خلاف داخل ڪري متاثر نينگري کي ميڊيڪل لاءِ تعلقي اسپتال ڊگهڙي اماڻيو، جتي نينگري جا جزا ورتا ويا آهن، ڪيس داخل هجڻ باوجود آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.