حڪومت پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني جي اپيل ڪندي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

0
292
وزيراعظم ٻئي ڪنهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني جي اپيل ڪندي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 4 مهينا اڳ يومِ پاڪستان تي لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ويو آهي

مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي چوان ٿو ته لانگ مارچ وارو مامرو يومِ پاڪستان کان 15 ڏينهن اڳ يا هفتو پوءِ کڻي وڃن، ڪابه نگران حڪومت نٿي اچي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو تھ اپوزيشن وارا عقل جا انڌا آهن، لانگ مارچ ۾ اڃا چار مهينا آهن، ڪو نه ڪو دڳ نڪري ايندو، پي ڊي ايم سان ٽن مهينن بعد ڳالهيون ڪنداسين، جاتي امراء جو سموري خاندان جو ٽئلينٽ گلوڪاري ۾ وڌيڪ آهي، ڇا فضل الرحمان درس جي شاگردن کي اُنهن سان گڏ کڻي ويندو

ھي به پڙھندا

پي ڊي ايم پاران اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو، استعيفائن تي اتفاق نه ٿي سگهيو