بيان حلفي ڪيس: اصلي ڪاغذ جمع نه ٿيا ته فرد جرم لاڳو ڪنداسين: چيف جسٽس اطهر من الله

0
256
چيف جسٽس اطهر من الله
بيان حلفي ڪيس: اصلي ڪاغذ جمع نه ٿيا ته فرد جرم لاڳو ڪنداسين: چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (م ڊ) مبينا بيان حلفي جي مامري تي توهين عدالت ڪيس ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جسٽس رانا شميم عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم جي مبينا حلف نامي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، ان سلسلي ۾ عدالت جي حڪم تي رانا شميم عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت ۾ دي نيوز جو ايڊيٽر عامر غوري ۽ انويسٽيگيشن ايڊيٽر انصار عباسي به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته جنگ گروپ جي ايڊيٽر ان چيف مير شڪيل الرحمان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي

ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل چيو ته اڃا تائين جواب عدالت ۾ داخل ناهي ٿيو، جنهن تي  چيف جسٽس عدالتي معاون فيصل صديقي کان پڇاڻو ڪيو ته خبر شايع ڪرڻ تي مختلف ذميوارن تي ڪهڙي ذميواري آهي؟ اسان کي صحافت جي عالمي معيار کي به ڏسڻو آهي

عدالت رانا شميم کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي؟ اڳوڻي جج جواب ڏنو ته منهنجو وڪيل رستي ۾ هو بس پهچڻ وارو آهي

رانا شميم عدالت کي ٻڌايو ته مان چار ڏينهن اڳ جواب ڏئي ڇڏيو هو، اهو جواب لطيف آفريدي کي عدالت ۾ جمع ڪرائڻو آهي

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته ججز پريس ڪانفرنس نٿا ڪري سگهن، مان دعويٰ ۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته هن عدالت جي ججن سان ڪو به رابطو نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن هنن ڪٿي به اصلي ڪاغذ جمع نه ڪرايا ته اهي عدالت ۾ پيش ڪيو، هن جي اجازت نٿي سگهجي ته هن عدالت تي عوام جو اعتماد ختم ڪيو وڃي، ڪو به آزاد جج  هي عذر پيش نٿو ڪري سگهي ته هن جي مٿان ڪو دٻاءُ هو

چيف جسٽس چيو ته بيانيي ذريعي هاءِ ڪورٽ کي دٻاءُ ۾ رکيو ويو، اخبار خبر شايع ڪري ڇڏي ته جج کي فون ڪري چيو ويو ته شخصيت کي آزاد نه ڪجانءِ ۽ راءِ ٺاهي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججز ٺاهه ڪيو، عدالت لطيف آفريدي کان پڇاڻو ڪيو ته اصلي ڪاغذ ڪٿي آهن، جنهن تي هن چيو ته ڪاغذ پوٽي وٽ آهن جيڪو شاگرد آهي ۽ اڄڪل انڊر گرائونڊ آهي، عدالت چيو ته برطانيه ڪنهن کي ڪو به خطرو نه آهي، آخري موقعو ڏئي رهيون آهيان، اصل حلفي بيان جمع نه ڪرايو ويو ته فرد جرم لاڳو ڪنداسين

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻن ججز ۾ ملاقات ٿي ۽ 3 سالن کانپوءِ بيان حلفي ڏنو ويو جنهن جا ڪهڙا مقصد آهن، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته رانا رانا شميم اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي الزام هڻندي حلفي بيان ڏنو هو ته  جسٽس ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي حڪم ڏنو ته 2018 جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ واري درخواست رد