ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير ندي ۾ قبضن خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ٻوڏ متاثرن جي خراب حالت ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدمن جو ذڪر ٿيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي جي لنگھن تي قبضا ٿيندا ته ٻوڏ ته ايندي، حڪومت اڄ پاڻي جي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي، پاڻي پاڻيهي ئي نڪري ويندو. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي گھرجي ته فوري طور تي قانونسازي ڪري، قدرت جي قانون تي عمل ڪريو ته برسات زحمت نه ٿيندي، قدرت جي نظام سان هٿ چراند ڪنداسين ته برسات زحمت بڻجي ويندي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ملير ندي جي ٻنهي پاسن تي وڏي پيماني تي قبضا ڪيا ويا، ايم اين اي آغا رفيع الله قبضن ۾ ملوث آهي، قبضا ختم ڪرايا وڃن. عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته ملير ندي ۾ ڪٿي ڪٿي قبضا آهن؟ انهي بابت ترميمي درخواست داخل ڪرائي وڃي، عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي