لنڊن(م ڊ) برطانيه جي نئين وزيراعظم لزٽرس نئين ڪابينا جوڙي ورتي آهي. ٿريس ڪوفي کي صحت جي وزارت ۽ ڊپٽي وزيراعظم، ڪاسي ڪوارٽنگ کي چانسلر، جيمز ڪليورٽي کي پرڏيهي وزير، سويلا بريورمين کي گهرو وزير، وينڊي مورٽن کي چيف وهپ ۽ بين ويلس کي دفاع جو وزير بنايو ويو آهي. هو 2019 کان ساڳئي عهدي تي موجود هو. نئين ڪابينه ۾ برينڊن لوئيس، لارڊ چانسلر ۽ انصاف جو وزير بڻايو ويو آهي.