ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آخري متاثر جي بحالي تائين سنڌ حڪومت آرام سان نه ويهندي. سکر ڊويزن ۾ هڪ ڪَٽ لڳو پر اهو ڪنهن جي چوڻ تي لڳو؟ جيڪڏهن اهو نالو کڻبو ته توهين عدالت لڳي ويندي، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج کانسواءِ سنڌو ۾ پاڻي جي سطح گھٽجڻ شروع ٿي وئي آهي، مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين مان پاڻي جي نيڪال جو ڪم شروع ٿي چُڪو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون  وارا 460 ارب رپيا سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهي، سنڌ تي هي ڏکيو وقت آهي صوبي جي عوام کي رليف جي سخت ضرورت آهي، اهو پئسو سنڌ کي ڏنو وڃي ته  جيئن متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪري سگھجي، اسان درخواست ڪئي آهي ته اهي پئسا خرچ ڪرڻ جو اختيار سنڌ اسيمبلي کي ڏنو وڃي، انهن پئسن جي خرچ جي نگراني لاءِ وڏي وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي به ٺاهي سگھجي ٿي، هن چيو ته  هن  وقت سمورن ضلعن ۾ وزير موجود آهن، هن چيو ته منڇر کي 2 ڪَٽ ڏيڻ سان هڪ فوٽ پاڻي گھٽ ٿيو آهي، هن چيو ته 8 لک کان وڌيڪ مستحقن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 25 هزار رپيا ڏنا ويا آهن،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس  کي ڪارڪردگي سڌارڻ گھرجي. باقي اهو جواز  نه ڄاڻايو وڃي ته معاشي حالتون خراب ٿيڻ سان ڏوهن ۾ واڌ ٿيندي آهي.