حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو ۾ ٽن ايس ڊي اوز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن حيسڪو شهيد اميد علي صلاح الدين کي بدلي ڪري ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن علامه اقبال مقرر ڪيو ويو آهي جتان امجد علي شيخ کي بدلي ڪري ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن الياس آباد مقرر ڪيو ويو آهي. سي او او سان اٽيج ٿيل ايس ڊي او محمد زوهيب کي بدلي ڪري ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن شهيد اميد علي مقرر ڪيو ويو آهي.