حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سيوهڻ تعلقي ۾ ٻئي مرحلي دوران پي ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ خلاف داخل درخواست تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ۽ ريجنل ڊائريڪٽر اسڪول ۽ ڪاليج کي نوٽيس جاري ڪندي کين 10 نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سيوهڻ تعلقي سان تعلق رکندڙ جلال الدين خاصخيلي، بابر هاليپوٽو، آفتاب انور کوسو، سڪندر علي، محمد يونس بڙدي ۽ مسعود علي لاشاري وڪيل عبدالرحمان خان معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پهرين مرحلي دوران پي ايس ٽي ميل سائيڊ تي سيٽن جو وڌيڪ تعداد ڄاڻايو ويو هو پر ملازمتون ڏيڻ دوران ڪيترن ئي اميدوارن کي سيٽون نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي نوڪريون نه ڏنيون ويون. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ٻئي مرحلي ۾ به تعليم کاتي ڄامشوري جا عملدار سيٽون ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري اميدوارن کي ملازمتون ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سيٽون موجود آهن پر عملدار ظاهر نٿا ڪن ان لاءِ عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڊسٽرڪٽ سليڪشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پرائمري سائيڊ ڄامشورو، چيف مانيٽرنگ آفيسر ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوهڻ کي به نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.