سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پروفيسر تاج محمد لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هيڪ جي نمائندي محمد رضا چوهاڻ طرفان اماڻيل اعتراضي خط جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، سليڪشن بورڊ واري ايجنڊا جي سينڊيڪيٽ جي ميمبرن اڪثريت سان منظوري ڏني هئي، صرف ٻن ميمبرن لکت ۾ اعتراض وارو نوٽ لکيو، قاعدن ۽ ضابطن تي هيڪ جي نمائندي کي موقعي تي قاعدن ۽ ضابطن تي اعتراض وارڻو هو جيڪو هن نه واريو، هاڻي سندس اعتراض جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.