حيران آهيان ته اسان ڪيترو تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڌي رهيا آهيون: عمران خان جو اعظم سواتي جي گرفتاري تي رد عمل

0
214

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ادارن خلاف تڪراري بيان ڏيڻ تي ٻيهر گرفتار ٿيل سينيٽر اعظم سواتي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حيران آهيان ته اسان ڪيتري تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڃي رهيا آهيون

سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي ايف آءِ اي سينيٽر اعظم خان سواتي کي اڄ وري گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

 

سينيٽر اعظم سواتي جي ٻيهر گرفتاري جي مذمت ڪندي عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حيران آهيان ته اسان ڪيتري تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڃي رهيا آهيون

هن وڌيڪ چيو ته سينيٽر اعظم سواتي کي حراست ۾ تشدد ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي وڊيو ان جي گهرواري کي موڪلڻ واري تڪليف کي ڪوئي ڪيئن نٿو سمجهي سگهي؟ ناانصافي تي ڪاوڙ ۽ مايوسي اعظم سواتي جو جائز آهي

 

پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي جي حمايت ۾ سينيٽرن جي اپيلن کي 15 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ جا دروازا بند آهن، هو ٽوئيٽ ڪري ٿو ۽ ٻيهر گرفتار ٿي وڃي ٿو، هن رياستي فاشزم خلاف سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪري اعظم سواتي جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي

 

هن چيو ته سينيٽر اعظم سواتي جي ٻيهر گرفتاري ڇا بنيادي جمهوري حق گهرندڙ پاڪستاني شهرين سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ ڇا حراستي تشدد، بليڪ ميلنگ ۽ سندس عزت جي حق کان مڪمل انڪار هن فاشسٽ راڄ لاءِ ڪافي نه هو؟

ھي به پڙھندا

تڪراري ٽوئٽ: تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اعظم سواتي ٻيھر گرفتار

پيمرا اعظم سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنسز يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي