پيمرا اعظم سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنسز يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
249

ڪراچي: پيمرا سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي اعظم سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنسز يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي گرفتار پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

Pemra issues guidelines for TV channels - Pakistan - DAWN.COM

پيمرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  پ پ اڳواڻ اعظم سواتي 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ثبوتن کانسواءِ ادارن تي الزام هنيا

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

پيمرا جي پڌرائي موجب حڪمن جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس کانسواءِ ٽي وي چينلز جا لائسنس معطل ڪيا ويندا

ياد رهي ته ايف آءِ اي رات دير سان اسلام آباد مان پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گرفتار ڪري مٿس سائبر ڪرائم جي تحت ڪيس داخل ڪيو هو

ھي به پڙھندا

اعظم سواتي جون فوجي آفيسرن کي ڌمڪيون

تڪراري ٽوئٽ: تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اعظم سواتي ٻيھر گرفتار