حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ايس ايس پي جي موڪل کانپوءِ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ تيزي اچي  وئي، 12 ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦرلٽ جا 3 واقعا پيش آيا، لطيف آباد يونٽ نمبر 6 بلاڪ ڊي جي علائقي ۾ ڦورن نثار احمد قريشي نالي شخص کان 25 لک رپين جا سونا زيور ڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي زخمي ڪيو. چانگ موڙ وٽ قومي شاهراهه تي اڻڄاتل ڦورن ٽرڪ کي روڪي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي پر ٽرڪ ڊرائيور پاران نه بيهڻ تي ڦورن فائرنگ ڪئي، ۽ ڊرائيور محمد خان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي 10 لک رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.جنهن تي ٽرڪ ڊرائيورن احتجاج ڪيو. گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ڪول ڪمپني جي مئنيجر عبدالرحمان کي 4 ڦورو 2 لک رپيا ڦر ڪري ويا. ياد رهي ته ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي ڪورس لاءِ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي جنهن بعد ٻن ڏينهن کان ايس ايس پي جو عهدو خالي هئڻ سبب لاڳاپيل ٿاڻي جا ايس ايڇ اوز به موڪلن تي روانا ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز جي غيرموجودگي سبب ڦرلٽ جي واقعن ۾ ٻيهر تيزي اچي وئي آهي.