حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پنڻ بهاني موبائيل چور عورتن جو گروهه سرگرم بڻجي ويو آهي جيڪي مختلف  مارڪيٽن ۽ ليبارٽرين ۾ معصوم ٻارن سميت خيرات بهاني داخل ٿي موبائيل فون ۽ ٻيو سامان چورائي رهيون آهن. ڪينٽ ٿاڻي جي حد صدر واري علائقي ۾ قائم ايڪسري ۽ بلڊ ليبارٽري مان گذريل ڏينهن پينو عورتن جي گروهه ۽ ساڻن گڏ معصوم ٻارن پاران چوري ڪيل موبائيل فونن وارا سي سي ٽي وي فٽيج به منظر عام تي اچي ويا آهن. متاثر ليبارٽرين جي عملي پاران سي سي ٽي وي فٽيج ڪينٽ پوليس حوالي ڪيا ويا آهن پر پوليس اڃا تائين پنڻ بهاني مبينا طور معصوم ٻارن کان موبائيل فون ۽ ٻيو سامان چوري ڪرائيندڙ عورتن خلاف ڪارروائي ته پري جي ڳالهه پر واقعي جي رپورٽ به داخل نه ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ليبارٽرين جي عملي جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان ڄاڻايل گروهه سان تعلق رکندڙ عورتون معصوم ٻارن کي خيرات جي بهاني مختلف مارڪيٽن ۾ قائم دڪانن ڏانهن اماڻين ٿيون جتان بعد ۾ معصوم نينگريون توڙي ٻارڙا خانن ۾ رکيل روڪ رقم، موبائيل فون ۽ دڪانن ۾ پيل ڪپڙا، چپل ۽ ٻيو سامان چورايو وڃن جن خلاف بار بار پوليس وٽ شڪايتون ڪيون آهن پر پوليس مستقل بنيادن تي واقعن کي روڪڻ ۽ ملوث پينو فقيرياڻين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملڪ جاويد کي واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج فراهم ڪيا آهن پر پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.