حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ گهريلو معاملن تان پريشان  ٿي چئن ٻارن جي ماءُ ۽ هڪ نوجوان خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ ٽانگا اسٽينڊ جي رهائشي جي 30 سالن جي زال مهڪ زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. مهڪ کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. آفندي ٽائون ۾ 22 سالن جي هادي رضا مبينا طور ڳچيءَ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. نوجوان جي حالت نازڪ هجڻ جي ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.