اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري:اپوزيشن جا 8 ميمبرز غائب رھيا

0
226

اسٽيٽ بئنڪ ترميمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي رستا روڪ وارن اعلانن باوجود اپوزيشن جا 8 ميمبرز سينيٽ ۾ غائب رهيا، اپوزيشن ۾ ويٺل دلاور خان گروپ جي 4 سينيٽر حڪومت کي ووٽ ڏنا، دلاور گروپ جا 2 ميمبرز ايوان ۾ نه آيا

 اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني اهم ڏينهن تي غائب رهيو، اي اين پي سينيٽر عمر فاروق ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ بدران واپس هليو ويو، نواز ليگ سينيٽر نزهت صادق ڪئنيڊا وڃڻ ۽مشاهد حسين ڪورونا سبب نه پهتا، جي يو آءِ ف جو طلحه محمود، پ پ سينيٽر سڪندر منڌرو، پختونخواه ميپ جو شفيق ترين، نواز ليگ جو قاسم رانجها ۽ بي اين پي سيينٽر نسيما احسان به نه پهتا

 هڪ سئو ميمبرز جي ايوان ۾ اپوزيشن جا 51 ۽ حڪومت جا 42 ميمبرز آهن، 8 ميمبرز جي حاضري ۽ اي اين پي سينيٽر طرفان ووٽنگ ۾ حصو نه وٺڻ سبب اپوزيشن جا ووٽ گهٽجي 42 ٿي ويا

ھي به پڙھندا

سيينٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل پيش نه ٿيڻ تي اپوزيشن جو احتجاج