حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن کاتي جي رٽائرڊ ملازمن پينشن ۾ سالانا واڌ نه ٿيڻ خلاف سيد محمد يوسف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پينشرز چيو ته 2010ع کان پي ٽي سي ايل کاتي جي انتظاميا مسلسل حڪومت پاران اعلان ڪيل سالياني پينشن واڌ جي ادائيگي ڪرڻ بدران کين ان کان به گهٽ پينشن فراهم پئي ڪري جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن ڇاڪاڻ ته مهانگائي سبب هو موجوده پينشن مان پنهنجي گهر جو گاڏو نٿا هلائي سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن حڪومت پاران وڌايل پينشن واري رقم کين فراهم ٿي سگهي. ٻئي پاسي ڪوٽڙي جي رهواسڻ مسمات ساجده چانڊيو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس 14 سالن جي نياڻي ماجده سان مبينا جنسي زيادتي ڪندڙ بااثر کي گرفتار نه ٿي ڪري جنهن بعد هو کين موتمار ڌمڪيون پيو ڏي. هن چيو ته منصور چانڊيو پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ سندس نياڻي ماجده کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي وحشت جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو. واقعي بابت ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڄامشورو جي علائقي ڪراچي موري جي رهواسڻ سيما بليدي مڙس اقبال ملاح سميت تحفظ لاءِ پهتي. ناري ٻڌايو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد سندس مائٽ مڇرجي پيا آهن جيڪي مڙس ۽ ساهرن کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس وٽ به دانهيو آهي پر ڪو تدارڪ نٿو ٿئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.