سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي جي يو سي سرھل ۾ برساتي ٻوڏ کي 4 مھينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،  سانگھڙ ضلعي کان ايندڙ برساتي پاڻي سبب ڳوٺ الھه بخش نوھڙي وٽ 6 فوٽ تائين پاڻي ۾ چاڙھ اچي ويو آهي، ان حوالي سان قدرتي وھڪرا بحالي تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌڙي تعلقي جي يوسي سرھل جي ٻڏل ڳوٺ الھه بخش نوھڙي جي ڪناري تي ٻڏل ڳوٺاڻن، سول سوسائٽي ميرپورخاص، سنڌڙي ايڪشن ڪميٽي ۽ ميرپورخاص بار جي وڪيل شرڪت ڪئي، ان موقعي تي واجد لغاري، شير محمد سولنگي، تاج بلوچ، وڪيل مير محمد نوھڙي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته  پوري سنڌ ۾ اسان جي قدرتي وھڪرا بحالي تحريڪ شروع ٿي آھي، جنھن ڪري جتي جتي قدرتي وھڪرن تي قبضا  آھن اتي اتي اسان پھچون پيا، ھتي به ڪجھه بااثر کاھي ڀرسان قدرتي وھڪرن کي بند ڏي پاڻي آڏو روڪاٽون پيدا ڪري ھن علائقي ۾ ھٿرادو ٻوڏ پيدا ڪئي آھي، ھنن چيو ته وھڪرا بحالي تحريڪ تيستائين جاري رھندي جستائين قدرتي وھڪرن تان قبضا ختم ڪري پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي.