ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ جي ٽنڊو کوسو ڳوٺ مان 19 ڏينهن اڳ کنڀيل نوجوان تاج محمد کوسو جي آزادي لاءِ سندس ماءُ فاطمه کوسو، زال عروسه ، ڀيڻ بابره ۽ ڏاڏي ارباب خاتون سميت ٻين عورتن ۽ ٻارڙن پريس اڳيان مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي تاج محمد کوسو جي وارث ماءُ فاطمه کوسو چيو ته 2 نومبر تي شام جو 6 وڳي پرائيويٽ گاڏين ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو  گهگهر ڦاٽڪ جي هوٽل تي ويٺل منهنجي پٽ کي مارڪٽ ڪرڻ بعد کنڀي کڻي ويا، بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ  باوجود تاج جو ڪو ڏس پتو ناهي، هن چيو ته نوجوان پٽ جي گم ٿيڻ سبب سمورا گهر ڀاتي پريشان آهيون، هن وزيراعليٰ مرادشاهه  کي پٽ جي آزادي لاءِ ڪوششون وٺڻ جي اپيل ڪئي