حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نئين پل واري علائقي جيئي شاهه موڙ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿيو جڏهن ته سندس 2 معصوم نينگر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي فورٽ ٿاڻي جي پوليس پهچي فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي ۽ زخمي نينگرن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ 32 سالن جي محمد عمر پٺاڻ طور ٿي آهي. حادثي ۾ سندس 2 پٽ فهد ۽ ريحان به زخمي ٿيا آهن جن مان هڪ نينگر جي حالت خراب آهي. پوليس فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جيڪي بدين چالي کڻائي ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي پر پوليس پاران سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. هوڏانهن پوليس حادثي جو شڪار موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو.