ڪراچي ( نمائندن وٽان ) اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 تحريڪ جي مرڪزي صدر حبيب سنڌي ۽ مرڪزي  قيادت جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، سکر، ماتلي، بدين ، پنوعاقل ، رتوديرو ،قمبر شهدادڪوٽ، حيدرآباد، سجاول ، نيوسعيد آباد، ٽنڊو محمد خان، جيڪب آباد، دادو، قبوسعيد خان ،ڪشمور ، نوابشاھ ، دڙو ،خيرپور ميرس، مٺي، گهوٽڪي ، ڏهرڪي سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  مظاهرين هٿن ۾ بينر، پمفليٽ، پلي ڪارڊ کڻي حڪومت جي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ” حڪومت پاران ڳالھيون ڪري واعدي تان ڦري وئي ڪاميٽي چيئرمين عبدالڪريم آزاد سميجو هڪ نااهل آفيسر آهي

جنهن اين ٽي ايس ڪاميٽي جي ميمبرن کي صحيح ريسپانس ۽ موٽ نه ڏني سميجو صاحب کي ڊيوٽي تي رهڻ جو ڪوبه حق ناهي کيس فلفور هٽايو وڃي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت 33 ۽ 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي رهي آهي جڏهن ته اسان جون 60 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيل آهن اهو ڪٿان جو قانون آهي جو 33 ۽ 40 وارن کي نوڪري ملي پئي 60 کان وڌيڪ 70, 80, 90, 97 پلس تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر نه پيا ڏنا وڃن،

هنن چيو ته 33 ۽ 40 پلس پاليسي نامنظور آهي، حڪومت اسان کان ڊاڪيومينٽس به گهرايا آهن اسان کي رڳو لولي پاپ ڏنو ٿو وڃي هاڻي اسين ڪنهن جي به لولي پاپن ۾ نه اينداسين هاڻي اين ٽي ايس اميدوارن جو فيصلو آفيسن بجاءِ روڊن تي ٿيندو، اسان جي صبر ۽ شرافت کي ڪمزور نه سمجھو وڃي هنن چيو ته ڏهين محرم الحرام کان پوءِ دمادم مست قلندر ڪنداسين ڪراچي بلاول هائوس يا سي ايم هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، هنن وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم وڃي ٻئي صورت ۾ پنهنجي حق جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رهندي.