حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قدم گاهه مولا علي۴ حيدرآباد جي متولي ۽ منتظم انجمن اماميا سنڌ جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر زوار عبدالستار درس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته 21 رمضان المبارڪ ”يوم شھادت مولا علي“ جي مرڪزي مجلس ۽ ماتمي جلوس جي سلسلي ۾ قدم گاهه مولا علي۴ تي انجمن اماميا سنڌ جي ميزباني هيٺ سمورين مذھبي تنظيمن، انجمنن، ماتمي دستن ۽ علماءَ ڪرام جو اجلاس سڏايو ويو، جنھن ۾ متفق طور فيصلو ڪيو ويو ته 21 رمضان المبارڪ 4 مئي 2021ع تي ”يوم شھادت مولا علي“ جي مرڪزي مجلس روايتي انداز ۾ ظھرين واري نماز بعد ِ امام بارگاھ ڪربلا دادن شاھ ۾ برپا ٿيندي، مجلس بعد شام جو 4 وڳي مرڪزي ماتمي جلوس انجمن اماميا سنڌ جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيندو، جيڪو پنھنجي روايتي رستن تان گذرندو افطار واري وقت قدم گاهه مولا علي۴ تي پھچي اختتام پذير ٿيندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو ۽ کين اميد آهي ته انتظاميا ماتمي جلوس لاءِ سيڪيورٽي جا فل پروف انتظام ڪندي.