حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ون ويلنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ون ويلنگ جي ڪري ڪيتريون ئي حياتيون موت جي ورچڙهڻ لڳيون. پوليس خاموش تماشائي بڻيل. رپورٽ مطابق رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيندي ئي ون ويلنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. اڪثر نوجوان ۽ ننڍي عمر جا ٻار سحري بعد سون جي تعداد ۾ رستن تي نڪري اچن ٿا ۽ موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ ڪري ڪرتب ڏيکارين ٿا جنهن جي ڪري نوجوانن ۽ ٻارن جو زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. اها ون ويلنگ لطيف آباد 7 نمبر، آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد نمبر 12، ڪينٽ قبرستان روڊ، لائينڊ چينل روڊ، هالاناڪو، فتح چوڪ ۽ ٻين مصروف رستن تي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري نه رڳو ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان ۽ ٻار زخمي ٿين ٿا پر رستي هلندڙ ماڻهو به ون ويلنگ ڪندڙ موٽرسائيڪلن جو شڪار ٿين ٿا. ون ويلنگ جي ڪري ڄاڻايل رستن تي ٽريفڪ به سخت متاثر ٿئي ٿي. حيدرآباد پوليس ۽ انتظاميا ون ويلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کڻي سگهي آهي جنهن جي ڪري ون ويلنگ جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد پوليس منشيات ۽ ٻين سماجي براين جي سرپرستي ۾ مصروف آهي. شهرين جي اصل مسئلن طرف پوليس ڪو به ڌيان نٿي ڏي جنهن جي ڪري ون ويلنگ سبب حادثا جو روز جو معمول بڻيل آهن.