واهي پانڌي (ن پ ا)  ڪاڇي جي ڳوٺ شوري رستماڻي جي جابلو نئين ۾ پاڻي کي زخيرو ڪرڻ واري سمال ڊئم واري ۾ مبينا طور ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي. اهڙو الزام  ڳوٺاڻن قمر، نورمحمد، سجاد، معشوق رستماڻي ۽ ٻين هنيو. هنن احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو ته ٺيڪيدار اللھ بخش جمالي انتهائي بااثر آھي اسان بار بار ناقص ريتي، بجري ۽ سيمنٽ جي استعمال بابت شڪايتون ڪيون پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار نه آھي هنن چيو ته استعمال ٿيندڙ سريو به گهٽ گيج جو استعمال ٿي رهيو آھي جنهن ڪري ڊئم جي زندگي گهڻي دير نه هلي سگهندي، هنن چيو ته اسان جا گهر ڊئم جي سامهون آھن امڪاني طور ڊئم ٽٽڻ جي صورت ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا انديشا پڻ موجود آھن ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪروڙين رپين جي منصوبي ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي رهي آھي ۽ ڪرپشن ۾ آبپاشي عملو پڻ ملوث آھي هنن اعلى اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ڊئم جي ڪم ۾ ٿيندڙ ناقص مٽيريل جي استعمال کي فوري طور روڪيو وڃي ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار  ۽ آبپاشي عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. نه ته عدالت وينداسين.