شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ميونسپل کي ماهوار 2 ڪروڙ 19 لک بجيٽ ملي ٿي، ماھوار آمدني 20 کان 25 لک آهي. مسواڙ تي ڏنل 1 بئنڪ جي بلڊنگ، ھڪ سو جي لڳ ڀڳ دڪان، مال پڙي، گاھ پڙي، ريجڪي پڙي پڻ ميونسپل ڪاميٽي کي مسواڙ ڏيندڙ آھن.ڏھ سال کان پڙين جو سرڪاري طور ڪو به ٺيڪو ناهي ٿيو.ميونسپل جي مشينري جا ھر مھيني 25 لک پيٽرول، ڊيزل ۽ موبل جا بل ٺاهيا ويندا آھن.مشينري ۾ 7 ڪچرو کڻندڙ  ٽريڪٽر به شامل آهن، جن ۾ 4 خراب حالت ۾ پڻ آفيس ۾ بيٺل آهن، 4 چنگچي رڪشا پڻ خراب حالت ۾ بيٺل آهن، جڏهن ته ڪچرو کڻندڙ 7 سوزوڪي گاڏيون پڻ آهن، جن ۾ 3 خراب حالت ۾ بيٺل آهن. 4 فائربرگيڊ گاڏين مان 3 خراب حالت ۾موجود آهن.ميونسپل ۾ ملازمن جو هڪ سو جي لڳ ڀڳ تعداد آهي، جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن.سرڪار جي خزاني مان 370 ملازمن جون پڻ پگهارون 1ڪروڙ 85 لک سرڪار جي خزاني مان ڪڍيا ويندا آهن.شھر جي رستن ۽ مختلف محلن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل نظر ايندو آھي.ايڊمنسٽريٽر احمد يار ڪارڙي پگهار تي 2 ڇوڪرا رکيا آهن جن کان سوشل ميڊيا تي پنھنجا فوٽو ڪڍرائي رکرائيندو آهي.ٽي ايم او جي چارج سورھين گريڊ جي ٽيڪسيشن برانچ جي سياسي آشرواد رکندڙ اسرار احمد مگسي کي ڏني وئي آهي.